صوبائي خودمختياري مرڪزي سياست

صوبائي خودمختياري مرڪزي سياست

صوبائي خودمختياري مرڪزي سياست

صوبائي خودمختياري مرڪزي سياست (ڪتاب): قانوني ماهر ۽ ليکڪ فضل سليمان قاضيءَ جي تصنيف آهي، جيڪو مڪمل سياسي موضوع تي آڌاريل آهي. ڪتاب جو انتساب مظهر سليمان قاضيءَ جي نالي ڪيل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ‘پنڌ اڻانگو’ جي عنوان سان ستار پيرزادي لکيو آهي. جڏهن ته ديباچو مصنف پاڻ لکيو آهي. هن ڪتاب کي ڏهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جيڪي ترتيبوار هن ريت آهي: باب پهريون: صوبائي خودمختياري، باب ٻيو: مرڪز جي سياست، باب ٽيون: مرڪز ۽ صوبن جو لاڳاپيو، باب چوٿون: پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي، باب پنجون: پرڏيهي پاليسي ۽ ڀٽو، باب ڇهون: پاڪ- افغان تعلقات، باب ستون: پاڪ- افغان سرحد، باب اٺون: پاڪستان ۾ مسلم اتحاد، باب نائون: اسلامي ترقياتي بينڪ ۽ باب ڏهون: انگريزن جو خيرپور تي قبضو. هن ڪتاب ۾ شامل ‘پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي’ ۽ ‘صوبائي خودمختياري ’ کان سواءِ باقي مواد مضمونن جي صورت ۾ مختلف اخبارن م ڇپيل آهي، جنهن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي مصنف جو تعارف ڏنل آهي. ڊيمي سائيز ۾ 192 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي پاران آڪٽوبر 2000ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جي قيمت 100 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو